خليفو محمد سجاول خان

خليفو محمد سجاول خان: ناليوارو حڪيم خليفو محمد سجاول خان ولد حڪيم خليفو محمد باقر چانڊيو، 1833ع ڌاري ڳوٺ ستاڻي چانڊيي ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم روهڙيءَ جي مشهور عالم مولانا محمد صالح مهيسر کان ۽ طب جو علم پنهنجي والد کان سکيو. والد جي وفات کانپوءِ سردار غيبي خان چانڊيي جو شاهي حڪيم مقرر ٿيو. 1876ع ۾ غيبي خان جي وفات بعد سردار غيبي محمد خان اول وٽ رهيو. 1893ع ۾ غيبي خان اول مارجي ويو ته سردار غيبي خان ثانيءَ جو صلاحڪار ۽ شاهي حڪيم مقرر ٿيو. هن پنهنجي گهر ۾ هڪ ننڍو طبي درسگاهه کوليو هو، جتي ڪيترن شاگردن کي علمِ طب جو درس ڏيندو هو. سندس درسگاهه مان جيڪي قابل شاگرد علم طب جي تحصيل ڪري نڪتا، تن ۾ حڪيم خليفو جان محمد حجم، حڪيم حاجي عبداللطيف چانڊيو (ساکاڻيحڪيم محمد لائق سيال، حڪيم خليفو شفيع محمد عباسي، حڪيم وڏيرو غلام محمد خان ٻرڙو، حڪيم محمد صالح چانڊيو، حڪيم عبدالمجيد ۽ حڪيم خليفو عبدالمجيد قابلِ ذڪر آهن. خليفي صاحب کي علمِ طب جي مشهور ڪتاب ’طب اڪبر‘ جا ٻئي جلد برزبان ياد هئا. علم طب بابت پنهنجي والد جو اڌ ۾ رهيل ڪتاب ’جواهر الحڪمت‘ لکي پورو ڪيائين. ان کان سواءِ هن هيٺيان ڪتاب تصنيف ڪيا: (1)’مولودن ۽ مناجاتن جو بياض‘ (2) ’ڪنز التشخيص‘ (فارسي). خليفي محمد سجاول، 3 رمضان 1337هه مطابق 2 جون 1919ع تي وفات ڪئي


لفظ خليفو محمد سجاول خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1919.06.02  عيسوي

خليفي محمد سجاول، 3 رمضان 1337هه مطابق 2 جون 1919ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عالي شاهه ۽ ابو شاهه لڪياري
ابوالحسن
شيخ الڀو ٺٽوي
خواجائي شوڪت
پارو شاهه
صلاح الدين تنيو
انجينئر جمال الدين وينجهر
ابن خردازبه 2
ٺٽوي سيد احمد
پونم پاسڪل پرمار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون